اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان امن لاءِ ??مر??ڪا جا حصيدار ٿي سگهن ٿا، ??مر??ڪا افغانستان ۾ نئين حڪومت سان گڏجي گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحڪام کي فروغ ڏئي سگهي ٿو، افغانستان کي تڪرارن ۽ اڳوڻين حڪومتن جي ناڪامين جي ڪري انساني بحران درپيش آهي، پرامن افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، جنهن سان و??پار ۽ ترقياتي منصوبن جون نيون راهون کلي وينديون، چئن ڏهاڪن جي جنگ ۽ تڪرار افغانستان جي معيشت، معاشري ۽ سياست تي تباهه آڻيندڙ اثر وڌا آهن، ??مر??ڪا، چين ۽ روس سڀني کي گڏجي افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ حصو وجهڻو پوندو، پاڪستان افغانستان جي ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي نئين افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪندو، ڀارت ??مر??ڪي اسٽريٽج مفادن جي تڪميل لاءِ ڪڏهن به چين جو مقاب??و نٿو ڪري سگهي،
ڪالهه مشهور ??مر??ڪي اخبار نيوز ويڪ کي انٽرويو ۾ وزيراعطم چيو ته ??مر??ڪي فوجين جي نڪرڻ کانپوءِ طالبان گذريل 40 سالن ۾ پهريون ڀيرو پوري ملڪ تي ڪنٽرول حاصل ڪيو آهي، جنهن سان پوري افعانستان ۾ سيڪيورٽي قائم ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي وئي آهي، هن چيو ته افغانستان کي اڳوڻين حڪومتن جي ناڪامي جي ڪري انساني بحران درپيش آهي ان کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ اسان جا افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپن خاص طور تي ٽي ٽي پي کي بي اثر ڪرڻ لاءِ ڪابل ۾ عملدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هڪ س??ال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ??مر??ڪا ٻنهي کي افغانستان ۾ دهشتگردي کي روڪڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد لاءِ اسان کي انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بحالي جي حمايت حاصل ڪندي افغانستان جي استحڪام ۾ مدد لاءِ تعاون ڪرڻو پوندو. هن چيو ته يقينن ڪابل مان فوري ??مر??ڪي فوج جي نڪرڻ سان منفي اثر پيا آهن تنهن هوندي به ??مر??ڪا افغانستان مان رضاڪاراڻا طور تي پنهنجون فوجون و??پس گهرايون آهن ان لاءِ مون کي نٿو لڳي ته ان سان ??مر??ڪا جي ساک متاثر ٿي آهي. جيستائين چين جو سوال آهي جيڪڏهن چين افغانستان کي اقتصادي امداد جي آڇ ڪئي ته يقينن افغان عوام ان کي قبول ڪندو.
عمران خان چيو ته طالبان سي پيڪ منصوبي ۽ چين سان ويجها لاڳاپا رکڻ جي آجيان ڪئي آهي تنهن هوندي به افغانستان ۾ انساني امداد فراهم ڪرڻ جي افغانستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ حصو وجهڻ ۽ دهشتگردي تي قابو پائڻ تي تعاون ڪري افغانستان ۾ اسان اهم ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. دوها امن عمل دوران ??مر??ڪا طالبان سان و??ڪنگ رليشن شپ قائم ڪئي جڏهن ته فوج جي نڪرڻ واري عمل دوران ??مر??ڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ سڌو سنئون تعاون هو، مون کي يقين آهي ته ??مر??ڪا افغانستان ۾ نئين حڪومت سان گڏجي گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحڪام کي فروغ ڏئي سگهي ٿو، افغانستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ بابت هڪ س??ال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته طالبان هڪ عبوري حڪومت قائم ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بعد ۾ مستقل حڪومتي ڍانچي جو اعلان ڪندا. پاڪستان ان ڳالهه جو پابند آهي ته هو افغانستان ۾ اصل (ڊي فيڪٽو) عملدارن سان رابطا رکي ته جيئن هن پاڙيسري ملڪ ۾ معاشي ۽ انساني تباهي ۽ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ کان روڪي سگهجي، وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ڪابل ۾ حڪومت جو پوري ملڪ تي ڪنٽرول قائم ٿي وڃي ته اه?? قانوني طور تي تسليم ٿيڻ جي اهل ٿي وڃي ٿي، پاڪستان افغانستان جي ٻين پاڙيسرين سان گڏجي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن فيصلي تي پهچڻ تي ترجيح ڏيندو، هڪ س??ال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته يقينن افغانستان ۾ حقيقت ۾ اهڙا دهشتگرد گروه موجود آهن جن افغانستان جي تڪرار مان فائدو کڻندي اتي پناهه ورتي، پاڪستان کي افغانستان مان دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خطري جي باري ۾ تمام گهڻي ڳڻتي آهي، جن افغانستان جي سرزمين تان ڪجهه دشمن ڳجهين ايجنسين جي سرپرستي ۽ مدد سان پاڪستان جي خلاف هزارين حملا ڪيا،
وزيراعظم چيو ته ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي وڌيڪ حملن جي ذميدار رهي آهي، شايد انهن کي ايسٽ ترڪمانستان اسلامڪ موومينٽ جو تعاون به حاصل هجي، پاڪستان افغانستان جي عملدارن سان گڏجي ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگردي کي افغانستان مان ڪاروايون ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندو. هڪ س??ال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان مان دهشتگردن جي خطرن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظر کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ان سلسلي ۾ اسان ??مر??ڪا سميت عالمي برادري سان تعاون ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڀارت کي ??مر??ڪي فوجي مدد ۽ نام نهاد ڪواڊ جو مقصد چين جو رستو روڪڻ آهي، ان حڪمت عملي جي حوالي سان پاڪستان جو پنهنجو نقطه نظر آهي، اسان جي نظر ۾ ??مر??ڪا افغانستان ۾ نئين حڪومت سان گڏجي گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحۡڪام کي فروغ ڏئي سگهي ٿو، ڀارت ??مر??ڪي اسٽريٽجڪ مفادن جي تڪميل لاءِ ڪڏهن به چين جو مقاب??و نٿو ڪري سگهي، ڀارت پاران وڏي انگ ۾ هٿيارن جي خريداري جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ ۽ خاص طور تي پاڪستان کي ڌمڪائڻ آهي. هن چيو ته ڀارت سڄي فوجي صلاحيتن مان 70 سيڪڙو چين نه پر پاڪستان خلاف مقرر ڪئي آهي ان جي لاءِ پاڪستان کي ڀارت جي جديد ترين هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي جي فراهمي جي باري ۾ خدشا جائز آهن، ڏکڻ ايشيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ تڪرارن جي امڪانن کانسواءِ هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي کي سماجي اقتصادي ترقي ۽ پنهنجي ماڻهن جي ڀلائي ۾ سيڙپڪاري کان هٽائي ڇڏيندي. پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي حوالي سان هڪ س??ال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته چين سان پاڪستان جا لاڳاپا 70سال پراڻا آهن جيڪي اقتصادي، فني، فوجي ۽ ٻين شعبن تي ٻڌل آهن. ان پوري عرصي ۾ پاڪستان هڪ ئي وقت ??مر??ڪا سان به ويجها لاڳاپا رکيو اچي، حقيقت ۾ اهو پاڪستان ئي هو جنهن پهريون ڀيرو 1971ع ۾ ??مر??ڪا ۽ چين کي ملايو هو. اسان چين سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري ڪو به سبب نٿا ڏسو جيڪو ??مر??ڪا سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن تي اثر انداز ٿئي. اسان سمجهون ٿا ته ??مر??ڪا ۽ چين جي موجوده دشمني غير ضروري ۽ ٻنهي عالمي طاقتن جي خلاف آهي، ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ تعاون ٻنهي لاءِ لاڀائتو هوندو ۽ انهن بي شمار عالمي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي جيڪي اسان کي درپيش آهن، اسان اميد ڪريون ٿا ته بيجنگ ۽ واشنگٽن ٻئي تمام جلد هڪ ئي نتيجي تي پهچندا.
شنگهائي تعاون تنظيم جي حوالي سان هڪ س??ال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ايس سي او کي علائقائي تنظيم طور انتهائي اهميت ڏيون ٿا. ايس سي او سمٽ ۾ مون افغانستان جي موجوده صورتحال جي باري ۾ پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪيو ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال جي ڪري خطي کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ امڪاني رستي جي نشاندهي ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان سان لاڳاپن ۾ مثبت رويو اختيار ڪري ٿو ته ايس سي او ايشيائي کنڊ جي ان وڏي علائقي ۾ استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ مفيد پليٽ فارم طور تي ڪم ڪري سگهي ٿو، سي پيڪ بابت هڪ س??ال جو جواب ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين پهرين ئي سي پيڪ جي ڇٽي هيٺ تقريبن 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي، جڏهن ته 20 ارب ڊالر ماليت جا اضافي منصوبا پڄاڻي جي ويجهو آهن ان کانسواءِ وڌيڪ 25 ارب جا منصوبا پائيپ لائين ۾ آهن جيتوڻيڪ ڪورونا جي ڪري ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم سست ٿي ويو آهي پر سي پيڪ جا مقصد شيڊول موجب حاصل ڪيا پيا وڃن ۽ مستقبل ۾ انهن تي عملدرآمد تيز ٿي ويندو.
عمران خان چيو ته پاڪستان ??مر??ڪا ۽ جي 7 جي بهتر بنيادي تعمير جي قدم جي آجيان ڪري ٿو تنهن هوندي به ان کي چين جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو“ جي مقابلي ۾ نٿا ڏسون، هي هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين منصوبن جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هي قدم اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي ترقياتي مقصد ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ اهم آهن، ??مر??ڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي جي حوالي سان هڪ س??ال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته 11/9 جي ذميدار تنظيم القاعده افغانستان ۾ ختم ٿي چڪي آهي. جنهن جو وڏو سبب گذريل 20 سالن ۾ پاڪستان ??مر??ڪا جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون آهي، تنهن هوندي به دهشتگردي جي بنيادي سببن، تڪرارن ۽ معاشي ۽ سماجي ناانصافي ختم ڪرڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد گروهن جو نظريو ۽ بيانيو آفريڪا سميت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پکڙيو ۽ نيون دهشتگرد تنظيمون سامهون آيون، انهن کانسواءِ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ مسلم مخالف انتهاپسند تحريڪون ۽ دهشتگرد اڀريا آهن. اسان هندستان جي انتهاپسند هندو توا نظريي ۾ اهڙي طرح جي اسلاموفوبيا کي مضبوط ترين عنصر ڏسون ٿا جنهن و??لاريل ڪشمير جي مسلمانن ۽ 200 ملين هندستاني مسلمان اقليت جي خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي شروع ڪئي آهي، دنيا کي دهشتگردي جي نئين شڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ نئين ۽ جامع دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي،
افغانستان مان ??مر??ڪي فوج جي انخلا جي اثرن بابت هڪ س??ال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته چئن ڏهاڪن جي جنگ ۽ تڪرارن افغانستان جي معيشت ۽ معاشري ۽ سياست تي تباهه ڪن اثر وڌا آهن، طويل جنگ جي خاتمي سان افغانستان ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي آڻڻ لاءِ اڄ اميد جي ڪرن پيدا ٿي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ 20 سال جي فوجي مداخلت کانپوءِ عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن جي حوالي سان پاڻ کي ذميدارين کان آجو قرار نٿي ڏئي سگهي. ان کي افغانستان سان ڳنڍيل رهڻو پوندو تنهن هوندي به اسان اميد ڪريون ٿا ته افغانستان کي انساني اقتصادي مدد، رابطا ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي وسيلي مستحڪم ڪيو ويندو، جڏهن ته چين، ??مر??ڪا ۽ روس گڏجي افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ حصو وجهڻو پوندو، وزيراعظم خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان جي اندر علائقائي رياستن ۽ عالمي طاقتن جي وچ ۾ دشمني برقرار رهي ته اه?? افغانستان ۾ تشدد ۽ تڪرارن جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿي سگهي ٿي. ان سان پناهگيرن جو نئون سمنڊ پيدا ٿيندا، افغانستان مان دهشتگردي جو خطرو وڌي ويندو ۽ پوري خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو.