حڪومت ڊگهي مدي واري منصوبن ۽ منصوبابندي طرف گامزن آهي: وزيراعظم

image
APP62-310521 ISLAMABAD: May 31 – Prime Minister Imran Khan addressing at the launching ceremony of WAPDA’s Green Euro (Indus Bond). APP

اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڊگهي مدي واري منصوبن ۽ منصوبابندي طرف گامزن آهي، 10 ڊيمن جي تعمير ان سلسلي جي ڪڙي آهي، زراعت، لائيو اسٽاڪ ۾ جدت آڻي رهيا آهيون، ٻه نوان ماحول دوست شهر ٺاهيا پيا وڃن، صحت ڪارڊ حقيقت ۾ صحت جو هڪ پورو نظام آهي، هڪ قوم ٺاهڻ لاءِ هڪجهڙو نصاب متعارف ڪرائي رهيا آهيون، معاشي استحڪام کانپوءِ هاڻي دولت ٺاهڻ اسان جو هدف آهي. هو واپڊا پاران پاڪستان جي پهرين گرين يورو (انڊس بانڊ) جي باضابطه جاري ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز