اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور ميٽرو منصوبي جي حوالي سان پنجاب حڪومت پاران ڪيل بهتر معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??وجوده حڪومت شفاف معاهدن ۽ عوام جي هڪ هڪ پائي جو مناسب استعمال يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيش?? ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.