اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته سبسڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني مان ڏنل امداد نه رڳو مستحقن تائين پهچي پر ان مان گهربل نتيجا حاصل ٿين، نظام ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ان ??وا??ي سان عوامي مفادن ۾ فيصلا ڪري انهن تي عملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي حڪومتي سبسڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻائڻ جي ??وا??ي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شب??ي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، ??اص مددگار شهباز گل، خاص مددگار ڊاڪٽر ??ان??ه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري نويد ڪامران، ??ڳوڻو ناڻي وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين، ??بيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.