اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احم?? فراز جي اڄ 12 هين ورسي ملهائ?? ويندي?? احم?? فراز جو پورو نالو سيد احمد شاهه علي هو?? احم?? فراز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو?? احم?? فراز جو پاڪستان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، سندس 12 هين ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اديبات پاڪستان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احم?? فراز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احم?? فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱاري ڏينهن 10 وڳي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرستان ۾ پنهنجي والد احم?? فراز جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احم?? فراز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.