اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڀارت فوجي گهيراءُ ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آز??دي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ ۽ غيرقانوني قدم س??ن ڀارت جي حڪومت خاص طور تي مودي سرڪار جي استحصالي ۽ توسيع پسنداڻا ارادا دنيا ۾ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ٿيندڙ پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جون سموريون سياس?? پارٽيون ڪشمير جي مسئلي تي متفق آه?? ۽ ??ڀني ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي جي غيرقانوني قدم جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آز??دي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اصل ايجنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار جي توسيع پسنداڻي ۽ نفرت تي ٻڌل قدمن پوري خطي جي ام?? ۽ ??لامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.