اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته 22 مئي 2020ع تي لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام کي لينڊنگ دوران پيش ايندڙ افسوسناڪ سانحي جي تحقيقات پاڪ فضائيه جي سينئر آفيسرن جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ ڪري رهيو آهي، سانحي جي شروعاتي رپ??رٽ 22 جون ??ي پارليامين?? ۽ ??وم جي سامهون پيش ڪئي ويندي، جهاز حادثي ۾ 99 م??افر ۽ ڪاڪ پٽ عملو سوار هو جنهن مان 97 شهيد ٿيا ۽ 2 معجزاتي طور تي محفوظ رهيا جنهن جي حالت ??طري کان ٻاهر آهي، 51 ميتون ڊي اين اي شناخت کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيون ويون ??هن، باقي ميتون ??ناخت جي مرحلي ۾ آهن جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جاچ رپ??رٽ سامهون ??چڻ تي ذميدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ڪنهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، شروعاتي رپ??رٽ سامهون ??چڻ تائين ميڊيا فني رخن تي غير ضروري تبصري کان پاسو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.