اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ، هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ، احساس پروگرام ۾ پارليامينٽرينز جي شموليت، آڊٽ ۽ سائٽ بورڊ جي ٻن ميمبرن ۽ ايگزم بئنڪ آف پاڪستان جي بورڊ ميمبرن ج?? مقرري جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ وقت سر حڪومتي ق??من جي ڪري ضرورت جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن، پاڪستان ڪرونا وائرس فري ملڪ آهي، م??ڪ ۽ قوم کي ان کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، وز??راعظم عمران خان احساس پروگرام تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اها ڄاڻ وز??راعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ ڏيندي ڏني.