رياض – 24 ڊسمبر (ا?? پي پي) سعودي عرب جي فر??انروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ??يو آهي ته امت کي درپيش چئلينجز جي ح?? لاءِ عالم ??سلام ۾ اتحاد اڻٽر آهي، خطي ۾ امن ۽ مسلمان ملڪن ۾ اتحاد لاءِ پاڪستان جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪشمير مسئلي سميت سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي پرامن طور تي ح?? ڪرڻ گهرجي، سعودي عرب ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو، پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سعودي عرب هر ممڪن تعاون جاري رکندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن شاهي محل ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.