اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ وفاق جي سطح تي پرائس ڪنٽرول اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ کير سميت کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جي روڪٿام لاءِ صوبن کي فوري قدم کڻڻ، گهرن جي اڏاوتن تي سيلز ٽيڪس جي خاتمي، ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ?? گهٽتائي جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. هو اڪ??ڊمي آف لبرل آرٽس جي لانچنگ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.