اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاري?? ڪشمير تي ڀارت ??ي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پر??يه?? آفيس کان ڪشم??ري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، پر??يه?? سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، غلام محمد صفي سميت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن، اهميت شخصيتن، پر??يه?? وزارت ??ي آفيسرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪشم??ري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، ڀارتي ظلمن جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جذبي ۾ اضافو ٿيو آهي، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۽ آزادي جي جذبي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄم??ن ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير بابت پاس ٿيل قراردادن جي خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿي رهيو آهي. ريلي جي موقعي تي ٻين خطاب ڪندڙن چيو ته ڪشم??ري عوام 76 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي. پاڪستان ڪشم??ري عوام سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. هن چيو ته 1947ع کان شروع ٿيل ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاري?? ڪشمير ۾ ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هنن گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻي رهيو آهي. خطاب ڪندڙن چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ڀارت ڪشمير تي جبري قبضو ڪيو، اهو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين جاري آهي. هنن چيو ته جيئن جيئن ظلم ۽ ڏاڍ وڌيو ڪشم??ري عوام جو جذبو به ائين ئي وڌيو آهي. ريلي کي خطاب ڪندي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي وڌيڪ عرصي تائين نٿو دٻائي سگهي. هنن ڪشم??ري عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. هنن چيو ته ڪشم??ري عوام ڀارتي قابض فوج جو مقابلو انتهائي بهادري سان ڀرپور طريقي سان ڪيو آهي. ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد دوران هيستائين لکين شهيدن قربانيون ڏنيون آهن. هنن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت ??ي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ??ي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪري. ان کان اڳ ريلي پر??يه?? وزارت کان شروع ٿي ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي.