اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ترڪمانست??ن جي وچ ۾ واپار، توانائي، اق??صادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرور کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد آهي ته اهي لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان مو??ب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ترڪمانست??ن جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. سفير ترڪمانست??ن جي قيادت پاران نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪمانست??ن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي لاڳاپا وڌيڪ وڌندا. هن خاص طور تي واپار، توانائي، اق??صادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن توانائي ۽ بجلي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانست??ن جي سفير انهن مخصوص قدمن سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳاپن جي مجموعي دائري ۽ سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ تعا??ن جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.