اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني ط??ر تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ??شم??ر ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين جي شروعات ڪئي، ڀارت جا سمورا ظالماڻا قدم ??شم??رين جي آزادي واري جدوجهد کي نٿا روڪي سگهن. ڀارت جو ??شم??ري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي، پاڪستان پنهنجي ??شم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آواز بڻجندو رهندو ۽ انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو. انهن خيالن جو اظهار صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي يوم استحصال 5 آگسٽ 2023ع جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني ط??ر تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين جي شروعات ڪئي. انهن ڪارروائين جو مقصد ??شم??ري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ ڏيڻ واري حق کان محروم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪ??ڻ آهي. صدر مملڪت چيو ته 5 آگسٽ جا قدم تڪراري علائقي تي مستقل طور قبضو ڪرڻ ۽ ان جي خاص ??شم??ري ڪردار کي مٽائڻ لاءِ کنيا ويا ه??ا. صدر مملڪت چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ??شم??ر ان جي ڌرتي جو هڪ غير تڪراري حصو آهي. هن چيو ته ڀارت ??شم??ري عوام کي ان جي جائز حق خوداراديت ڏئي سلامتي ڪائونسل طرفان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، ??شم??ري ڀارت کان آزادي حاصل ڪ??ڻ لاءِ لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڄمون ??شم??ر جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو جنهن کان پوءِ ڄمون ??شم??ر جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو ۽ ڄمون ??شم??ر جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر مملڪت چيو ته ??شم??ري عوام پنهنجي نه فتح ٿيڻ جوڳي عزم ۽ حوصلي عيوض ڀارت طرفان ڊيڄارڻ ۽ محڪوم بڻائڻ واري هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري رهيو آهي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت جا سڀئي ظالماڻا ۽ هٿ ٺوڪيا قدم ??شم??ري عوام جي جدوجهد کي نه روڪي سگهيا. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف سازشن سان ??شم??ري عوام جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪ??ي رهيو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ??شم??ر کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڀارت جو ??شم??ري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي. صدر مملڪت چيو ته سفارتي ٻٽي پاليسي يا ڀارتي رياستي دهشتگردي حقيقت کي تبديل نٿي ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي ??شم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻيو رهندو ۽ انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو?? صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ??شم??ري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ??شم??ر تڪرار جي پرامن حل ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي.