اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته سي پيڪ گذريل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا، سي پ??ڪ جي ٻئي مرحلي جي شاند??ر ڪاميابي سان همڪن??ر ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيان. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه سي پ??ڪ جي ڏهاڪي جي پڄاڻي جي موقعي ??ي پاڪستان سان حمايت ۽ يڪجهتي جي پنهنجي اهم پيغام تي چين جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهيان. سي پيڪ کي اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ ڪوآپريشن جو هڪ مثالي منصوبو بڻائڻ تي ان جو زور پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ??ه حقيقت ۾ سي پيڪ گذريل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا آهن. بي آر آئي جي فليگ شپ پروجيڪٽ طور سي پيڪ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ تبديلي جي ڪهاڻي ۾ تبديل ٿيو. پاڪستان ان ڪهاڻي کي دنيا ۾ پنهنجي دوستن ۽ حصيدارن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ??ه چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ اسان ڪڏهن ب?? صدر شي جن پنگ جو مڪمل ٿورو ادا نه ڪري سگهنداسين. آئون سي پ??ڪ جي ٻئي مرحلي کي شاند??ر ڪاميابي سان همڪن??ر ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيان.