اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت ج?? صدر شيخ محمد بن زايد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت ۾ پاڪستاني افرادي قوت ج?? لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف گڏيل عرب ا??ار??ت ج?? صدر شيخ محمد بن زايد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي معاشي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ ان جي ڀرپور حمايت تي دل سان ان جا ٿورا مڃيا جيڪو يقيني طور تي پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ان جي گهري محبت ۽ خيال رکڻ جو اظهار آهي. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 1 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. جنوري ۾ گڏيل عرب ا??ار??ت ج?? پنهنجي ڪامياب دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت ج?? گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪوپ – 28 جي لاءِ دعوت تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل عرب ا??ار??ت ج?? ڪردار کي ساراهيو. هن 6 جولاءِ 2023ع تي ڪوپ – 28 جي نامزد صدر جي پاڪستان جي دوري دوران موسمياتي تبديلي جي چئلينجن جي امڪاني حل بابت ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت ۾ پاڪستاني افرادي قوت ج?? لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت ج?? وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جي تاريخ آهي جنهن جي خصوصيت گڏيل اعتماد ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت ج?? مستقل روايت آهي. گڏيل عرب ا??ار??ت 1.7 ملين پاڪستانين جو گهر آهي، جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري رهيا آهن.