اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني پرڏيهي وزير يوشيماسا هايا شي جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين جاپان جو سرڪاري دورو ڪندو. اها ڳاله?? پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ت?? پرڏيهي وزير ٽوڪيو ۾ جاپاني پرڏيهي وزير يوشيماسا هايا شي سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندو. ٻئي پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي، ڊگهي مدي وارن فورمن ۾ تعاون ?? مڪالمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.