اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته وزيراعظ۾ محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي خطي جي خوشحالي لاءِ اهم منصوبو آهي، منصوبي سان خطي کي ??درتي گئ?? جي فراهمي ممڪن ٿيند??، عالمي صورتحال جي ڏس ۾ توانائي جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي، ان منصوبي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صحيحن واري تقريب ڪالهه خميس ڏينهن هتي منعقد ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان پاران پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ترڪمانستان جي مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئ?? جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ وڏو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي گئس عملدرآمد منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن. ان جي لاءِ ترڪمانستان جي صدر ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. تاپي هن پوري خطي جي خوشحالي جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي. هي منصوبو اشڪ آباد کان شروع ٿيندو ۽ افغانستان ۽ پاڪستان کان ڀارت تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان سان هن خطي کي ??نصوبي تي ٺوس خاطرين ۽ گڏيل طور تي طئي ٿيل شرطن موجب قدرتي گئس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عالمي حالتن جي ڏس ۾ اڄ توانائي هڪ حقيقي چئلينج بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان چئلينج کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پاليسين ۽ فوري قدمن جي ضرورت آهي. تاپي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. پنهنجي ٽيم کي ??دايت ڪندس ته ان منصوبي جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ترڪمانستان جي وفد پاران پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي چيو ته ان سان اسان کي اهو موقعو مليو آهي ته دنيا کي اهو يقين ڏياريون ته پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اهم موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي پيٽروليم واري وزارت کي ??بارڪباد ڏيان ٿو، ترڪمانستان پاڪستان دوستي زندهه آباد.