اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضان المب??رڪ ۾ معاشري جي ڪم??ور?? محتاج ?? ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪمزور طبقن جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. رمضان المب??رڪ 1444هه شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته رمضان المب??رڪ جي بارڪت مهيني جي شروعات تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ مهرباني سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان المب??رڪ جي باسعادت گهڙين م??ن فائدو کڻي رهيا آهيون. اهي مب??رڪ لمحا جتي هڪ مسلمان جي لاءِ روحاني ۽ اخلاقي ترقي جو سامان پيدا ڪن ٿا اتي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام کڻي پڻ اچن ٿا. هي مهينو مسلمانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ترقي ۽ اصلاح جو ماحول پيدا ڪري پنهنجي زندگين کي نئين سر بهتر انداز ۾ شروع ڪرڻ جو بهتري?? موقعو آهي. صدر چيو ته الله تعاليٰ اسان تي روزا اهڙي طرح ئي فرض ڪيا آهن جهڙي طرح اسان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ۽ ان جو مقصد انسان کي متقي بڻائڻ آهي. روزي جي ذريعي ماڻهو جي اندر صبر ۽ استقامت جي قوت پيدا ٿئي ٿي. رمضان المب??رڪ انسان جي اندر استقلال ۽ استقامت جي طاقت پيدا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي حڪم?? موجب هڪ محتاط انداز ۾ زندگي گذارڻ جي تربيت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جيئن ان مشق جي ذريعي پوري زندگي کي نظم ۽ ضبط ۽ الله جي حڪمن جو پابند بڻائڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته ملڪ پاڪستان هن وقت سخت ترين معاشي پريشاني ۾ ورتل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان رمضان المب??رڪ جي مهيني ۾ پنهنجي اندر معاشري جي ڪم??ور?? محتاج ?? ضرورتمند طبقي جو احساس پيدا ڪريون. هي طبقو سڄو سال سنگين معاشي حالتن ۾ تڪليف، آزمائش ۽ امتحان مان گذري ٿو. اسان کي پنهنجي سگهه مان وڌي ان رمضان ۾ خاص طور تي ۽ پورو سال بالعموم ان طبقي جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. يقينن ان نيڪ عمل جي ذريعي اسان رمضان جي مقصدن ۽ ان جو ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي رمضان المب??رڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن س??ن فيضياب ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي وڌيڪ ترقي عطا فرمائي.