ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ت?? دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپيش آهن جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏ??ل تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، پاڪستان ??احولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان ??ويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي منصوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مقصدن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحالي جي حوالي سان ان جي افاديت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري نقصانن ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڏس ۾ عالمي برادري جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن سان ??يدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ??احولياتي تبديلين جي سببن جو ذميوار نه آهي پر ان جي باوجود ان جي منفي اثرن جو شڪار آهي، پاڪستان ??احولياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ فروغ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان ڏس ۾ عالمي سطح تي گڏ??ل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان ??ضبوطي حاصل ڪرڻ جي ذريعي قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.