اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪست??ن انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) بل 2022ع جي منظو??ي ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان م??جب بل جو مقصد فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2021ع کي ري پيل ڪرڻ آهي. ان ک??ن اڳ صدر آئين جي آرٽيڪل 75 هڪ بي تحت بل 8 نومبر 2022ع تي پارليامينٽ کي ٻيهر غور ڪرڻ جي لاءِ واپس موڪليو هو. پارليامينٽ آئين جي آرٽيڪل 75 ٻه تحت 20 ڊسمبر 2022ع تي گڏيل اجلاس ۾ بل تي ٻيهر غور کانپوءِ ترميمن سان گڏ بل کي منظور ڪيو هو. صدر پمز بل 2022ع جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.