اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ??ئن??ڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ??ئن??ڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون، آسٽريا جي نامزد سفير مسز اينڊريا وڪ، شام جي نامزد سفير ڊاڪٽر رميز الراعي، سربيا جي غيرمقيم نامزد سفير ڊريگن ٽوڊورودڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نامزد سفير لاڊيسلا وباليڪ بعد ۾ صدر سان جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ??ئن??ڊا جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ??ئن??ڊا جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪ??تا?? ??ئن??ڊا س??ن معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، پاڪ??تا?? ۾ وڏي اقتصادي صلاحي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ??ئن??ڊا جي ڪاروباري اد??رن کي پاڪ??تا?? ۾ موجود موقعا ڳولڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي، ريڪوڊڪ منصوبي جو حل هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، اميد آهي ته ان سان پاڪ??تا?? ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر سان ??ئن??ڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هو. پاڪ??تا?? ۾ آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪ??تا?? آسٽريا س??ن لاڳاپن کي ٻطرفو ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اهميت ڏي ٿو، پاڪ??تا?? جي سيڙپڪاري جي نظام مان آسٽريا جي ڪمپنين کي فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته آسٽريا جون ڪمپنيون پاڪ??تا?? ۾ خصوصي اقصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي غور ڪن، پاڪ??تا?? ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انهن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. صدر ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪ??تا?? موسمياتي تبديلي جي عالمي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آسٽريا سميت پنهنجي عالمي حصيد??رن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الراعي پڻ ملاقات ڪئي. هن پاڪ??تا?? ۽ شام جي وچ ۾ مختلف سطحن تي قيادت ۾ مستقل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شام سان پاڪ??تا?? جا لاڳاپا گهڻ رخا ۽ گهري پاڙون رکندڙ آهن. صدر شامي حڪومت پاران پاڪ??تا??ي زائرين جي لاءِ گروپ ويزا کولڻ جي دوستاڻي قدم کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ دمشق جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون هلائڻ جي فيصلي کي پڻ ساراهيو. سربيا جي غيررهائشي سفير دراگان تودوروڪ پڻ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪ??تا?? 22 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل هنرمند ۽ نيم هنرمند ڪارڪنن جي مثالي مارڪيٽ آهي، سربيا پاڪ??تا?? جي افرادي قوت سان ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪ??تا?? جا هنرمند نوجوان تعميراتي شعبي ۾ سربيا جي مدد ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي سان سلوواڪ ريپبلڪ جي سفير لاڊيسلا وباليڪ پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. صدر چيو ته پاڪ??تا?? جي سيڙپڪاري جون پاليسيون لبرل آهن، پاڪ??تا?? جو اسٽارٽ اپ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. صدر چيو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سلوواڪ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين.