اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ??هي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز (Jefferies) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وزي??اع??م ميڊيا آفيس موجب وزي??اع??م شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪومت سياسي ??يمت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي ??هي آهي. هن چيو ته حڪومت ٻاهريون واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ??هي آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري ??هي آهي. وزي??اع??م جيفريز جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان کي پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزي??اع??م جي قيادت ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي معاشي استحڪام جي رخ گامزن ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو.