اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس ??عل??مات جي غير قانوني ۽ غي?? ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جي گهروارن جي ٽيڪس ??عل??مات جي غير قانوني ۽ غي?? ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته اهو واضح طور تي ٽيڪس جي ??عل??مات جي مڪمل رازداري جي خلاف ورزي آهي جيڪو قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي هدايت ڪ??ي آهي ته هو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪ??ي ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.