اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قربانين تي زبردست خراج عقيدت ۽ انهن جي گهرڀاتين کي انهن جي عزم ۽ استقامت تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. والاريل ڪش??ير تي ڀارت?? جي غيرقانوني قبض?? جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير تي انهن جي مرض?? جي خلاف غيرقانوني قبضي کي 75 سال مڪمل ٿيا آهن. 75 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج بردستي والاريل ڪش??ير ۾ لاٿي ۽ ان وقت کان ڀارت علائقي تي زبردستي ۽ غيرقانوني قبضو جاري رک??و آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڄمون ۽ ڪش??ير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف اميد جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قربان?? جي جنگ رهيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪش??ير ۾ آبادياتي تبديلين جي لاءِ ڀارت جي ڪڌ مهم 5 آگسٽ 2019ع کان تيزي سان جاري آهي جڏهن ڀارت پنهنجي ئي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪش??ير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت گذريل 3 سالن دوران جابراڻا قدم کنيا جن جي ذريعي ڪش??ير جي مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ هندو اڪثريتي چونڊ تڪ ٺاهيا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسا??يل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، زمين ۽ ملڪيت بابت نوان قانون ۽ ٻيا توسيع پسنداڻا ۽ جابراڻا قدم شامل آهن. هن چيو ته چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميري رهواسين کي شامل ڪيو پيو وڃي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جو ڀارت جو ڪڌو قدم بدنيتي تي ٻڌل مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي سان والاريل ڪش??ير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فوجي رک??دڙ علائقن مان هڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جا 3 نسل دنيا ۽ گڏيل قومن جي واعدن جو انتظار ڪندا رهيا ته اهي ڪش??ير مسئل?? جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت کي جوابده بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي.