اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي سربراهه پروفيسر احسن اقبال هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي سيا??ي جي موسم اچي چڪي آهي، اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن ج?? فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن اين ايف آر سي سي ۾ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي عملدارن بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي موسم سيءُ واري ٿي وئي آهي اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن ج?? فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻوڏ سبب متاثر آبادگا??ن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن هو پنهنجا فصل ٻيهر تيار ڪري سگهن. وفاقي وزير فصلن ج?? پوکي لاءِ مشين??ي جي خريداري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي جلد لائحه عمل تيار ڪرڻ جي پڻ ه??ايت ڪئي. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت کي ان حوالي سان ج??د بريفنگ جي هدايت ڪئي وئي آهي.