اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي. اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم ان موقعي تي ان ڳالهه ج?? اظهار ڪيو ته ڪهڙي طرح ملالا سڄي دنيا جي لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ اميد جي علامت بڻي. هن چيو ته ملاقات ?? موسمياتي تباهي جي ڏس ۾ پاڪستان ۾ تعليم کي درپيش چئلينجن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.