اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وز??راعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وز??راعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش چئلينج کي عالمي فورم تي ا??اگر ڪري ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خطري کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ا??لاس جي موقعي تي وز??راعظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي ا??لاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي ا??لاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وز??راعظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي وز??راعظمن، جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کانسواءِ عالمي تنظيمن، عالمي مالياتي ا??ارن ۽ فلاحي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عالمي اڳواڻن کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو مل??دو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري پڻ وز??راعظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وز??رن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وز??ر ۽ او آءِ سي جي سالياني ا??لاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي ا??لاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.