ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي روڪٿام لاءِ لازمي قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ گڏيل امن ۽ ترقي جي لاءِ خطري جو سبب بڻجندڙ مسئلن جي علائقائي حل لاءِ نئين سر ??ستجو ڪن. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ش??گهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل کي خطاب دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميمبر ملڪ اسان جي گڏيل امن ۽ ترقي جي لاءِ خطري جو سبب بڻجندڙ مسئلن جي علائقائي حل لاءِ نئين سر ??ستجو ڪن. هن چيو ته اسان جي لاءِ خطري جو سبب موسمياتي تبديلين جي روڪٿام هڪ اهڙي ئي لازمي ضرورت آهي جنهن کي اسان قطعي طور تي نظرانداز نه ٿا ڪر?? سگهون.