اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سکر روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سنڌ ??ي صوبي سکر، روهڙي، خير??ور?? ڪوٽڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪندو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ??اء?? کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو احوال ڄاڻڻ ??اء?? انهن سان ملاقات ڪندو. بعد ۾ سنڌ ??و چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج ٻوڏ جي تباهي بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا.