ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان محمد ??هباز شريف ڪر??چي ۾ پاڻي جي ف??اهمي جي منصوبي کي 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڻي جي ف??اهمي جو مسئلو هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻ??ئڻ لاءِ چين جي حڪومت سان ڳالهائينداسين، وفاق ترقياتي منصوبن لاءِ صوبائي حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو، ڪر??چي ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون هلائڻ سان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هن باباءِ قوم قائداعظم محمد ??لي جناح جي مزار تي حاضري ڏني آهي ۽ اتي ان پختي عزم جو اظهار ڪيو ته اسان باباءِ قوم جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ پاڪستان کي سندس خواب جي حقيقي تعبير بڻ??ئينداسين. وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سندس ٽيم سان مفيد ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني، مون کي خوشي ٿي آهي ته ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ پاڻي جي ف??اهمي ۽ ٻين منصوبن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جي ٽيم محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، کين يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي ۽ وفاق ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو. وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻ??يون، شروع ۾ چيني عملدارن ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻ??ئن لاءِ غور هيٺ آڻڻ جو شروع به ڏنو هو پر بعد ۾ حالتون تبديل ٿي ويون، هاڻي پوري ڪوشش ڪنداسين ته ان کي سي پيڪ جو حصو بڻ??ئڻ لاءِ چيني حڪومت سان ڳالهه ڪريون. هن چيو ته ڪر??چي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو تمام وڏو چئلينج آهي، ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪر??چي ۾ پاڻي جي ف??اهمي جي اڌ گنجائش 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو بڻ??يو ويو هو پر مون هدايت ڪئي آهي ته 2024ع تائين ڪوشش ڪنداسين ته پورو منصوبو مڪمل ٿي وڃي ڇو ته پاڻي بنيادي ضرورت آهي، ڪر??چي جو اهو مسئلو حل ٿي وڃي ته اها عوام جي تمام وڏي خدمت هوندي، وزيراعظم چيو ته سنڌ جو وڏو وزير صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي، اورينج لائن، ريڊ لائن ۽ گرين لائين منصوبا تق??يب?? مڪمل ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ڪر??چي ۾ هزارن جي تعداد ۾ شفاف طريقي سان ايئر ڪنڊيشنڊ بسون گهرايون وڃن ته ان مان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت حاصل ٿيندي. سٺي ساک رکندڙ ٽرانسپورٽرز کي پري ڪواليفائي ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ ٻولي ٿئي، بئنڪن سان گڏجي کين قرض ڏيارينداسين ۽ ان تي وياج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي برداشت ڪري سگهن ٿيون ته اها ٽرانسپورٽرز لاءِ تمام وڏي سهولت هوندي، اسان جي بهترين ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقات رهي آهي، رمضان المبارڪ ۾ ڪر??چي ۾ والهاڻي استقبال تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ٿورائتو آهيان.