اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئ??ينج ۽ ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ ويجها، ڀائراڻا لاڳاپا ۽ تاريخي رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راه??ن ڳولڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??لامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين ا??لاس جي موقعي تي سعودي عر?? جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان سعودي عرب لاڳاپن جي خصوصي اهميت تي زور ڏنو جيڪي ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عر?? جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راه??ن ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کي اسلامي دنيا جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم طور تي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عر?? جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. اسلامي دنيا کي درپيش مسئلن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم امت کي درپيش ڪيترن ئي چئ??ينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئ??ينج تي روشني وجهندي وزيراعظم عمران خان ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن، افغانستان جي صورتحال ۽ ڀارت جي عيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ سعودي عر?? جي مستقل حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. سعودي عر?? جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين ا??لاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني.