اسلام آباد – 18 8211; مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، اسپتال، ميڊيا ۽ ڪميونٽي ??اڻ??ن ۾ بيمارين کان بچاءُ جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، اسلام آباد جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي ص??ارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وائس چانسلر پروفيسر تنوير خالق، سينيٽ جي ميمبرن ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر پاران يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي به بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ مستقبل جي هدفن، نئين تعليمي پروگرامن ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به روشني وڌي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، اسپتال، ميڊيا ۽ ڪميونٽي ??اڻ??ن ۾ بيمارين کان بچاءُ جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميه عا??مي معيار موجب ميڊيڪل پروفيشنل پيدا ڪري، يونيورسٽي اعليٰ معيار جي تحقيق تي به خصوصي ڌيان ڏي.