اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان عوامي مفاد کي ن??ر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري رد ڪري ڇڏي. اوگرا پيٽرول 11 رپيا ۽ ڊيزل 14 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي سمري موڪلي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي جي ڪري تيل جون ق??متون وڌي رهيون آهن پر پاڪستاني عوام کي ان مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪو??ش ڪندي. ان لاءِ وزيراعظم ان سمري کي رد ڪري ڇڏيو. هن وقت حڪومت ان وڌندڙ قيمت جو بار پنهنجي مٿان کڻندي ۽ عوام کي اضافي بار کان بچائڻ جي ڪو??ش ڪندي.