اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيو??ٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته باقي بچيل چند دهشتگردن جون اهي بزدلاڻيون ڪارروايون آهن، کين ڪٿي به لڪڻ نه ڏينداسين. مملڪتي وزير چيو ته سيڪيو??ٽي فورسز ملڪ جي هر حصي مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، ??هيد اسان جا هيرو ??هن انهن جو خون رائيگان نه ويندو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيو??ٽي فورسز جي شهيدن جي بلند در??ن لاءِ دعاڳو آهيون.