اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۾ گڏيل اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم پنهنج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ سان اڄ هڪ شاندار م??اقات ڪ??ي آهي. وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران اسان پنهنجي گڏيل اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگ??ه آڻڻ ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.