اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپور??شن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ڪو??شون ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپور??شن (پي بي سي) ۾ ڪرسمس جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ان موقعي تي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي ??با??ڪباد ڏني، هن ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم ڪڇي جي اداري جي بهتر?? لاءِ ڪيل مخلصاڻي ڪو??شن جي به واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان چيو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سڀن?? لاءِ مذهبي روايتن جي آزادي جو درس ڏي ٿو. هن پاڪستاني مسيحي برادري کي ملڪ جي ترق?? لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي بشپ طارق جان چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي خوشحال?? لاءِ پنهنجو ڪردار اد?? ڪندي رهندي ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب جي انعقاد تي پي بي سي جو ٿورو ادا ڪيو. تقريب ۾ مسيحي برادري کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گيت به پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي ترقي، سلامتي ۽ خوشحال?? لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.