اسلام آباد – 16 ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ست سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان ??ي پي ايس سانحي کي نه وساري سگهياسين، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪو به پنهنجا لڙڪ نٿو روڪي سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اي پي ايس سانحي جا شهيد پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊس??بر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو، هن چيو ته قوم جي حيثيت سان ??هشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ ڊگهي امن ۽ ترقي طرف گامزن آهي??ن، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندس وارثن کي صبر جم??ل عطا فرمائي.