اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکنداسين جڏهن ته 16 ڊسمبر 2014ع جي ڏينهن کي ملڪ جي تاريخ جو ڪاري ڏينهن طو?? تي ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي 7 هين ورسي جي مو??عي تي جاري پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. ان مو??عي تي اسپيڪر چيو ته اي پي ايس سانحي جي وا??عي ۾ 132 کان وڌيڪ ٻارن ۽ استادن جي شهادت پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو، هنن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي ان معصوم هيروز دهشتگردي کان پاڪ ۽ تعليم يافته پاڪستان جي لاءِ قوم کي متحد هجڻ جو پيغام ڇڏي ويا آهن. اسپيڪر چيو ته 7 سالن کانپوءِ به اي پي ايس سانحو ناقابل بر??اشت درد جي موجودگي جي طو?? تي محسوس ٿيندو آهي. هن چيو ته قوم کي شهيدن جي خاندانن تي فخ?? آهي جنهن ان عظيم صدمي کي بر??اشت ڪيو آهي، پوري قوم ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ بر??بر جي شريڪ آهي.