اسلام آ??اد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس تر??ما??س??ان جي گادي واري شهر اشڪ آ??اد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر صدر اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. تر??ما??س??ان جو صدر 15 هين سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس جو موضوع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي وچ مدي وارو جائزو به ورتو ويندو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتصادي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آ??ن جڏهن ته آذربائيجان، تر??ما??ستان، ڪرغزستان، قزاخس??ان ۽ افغانس??ان به تنظيم جا ميمبر آهن.