اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ صحيحن واري تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنال??جي وارو وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محم??د، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان شرڪت ڪئي. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ سڌارن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنال??جي جو استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنال??جي واري وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئي آهي.