اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هزاره جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبا??ڪب??د ڏيندي چيو آهي ته ??ڪو??ت اظهار جي آزادي جي بنيادي ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ لازمي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ ??ڪو??ت سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته اميد آهي ته نوان چونڊيل ميمبر صحافي برادري جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري ۾ پاڪستان جي بهتر اميج کي اجاگر ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير هزاره جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر تيمور جدون، جنرل سيڪريٽري لقمان شاهه، چيئرمين وقار عباسي، سرپرست اعليٰ وقار فاني، فنانس سيڪريٽري شاڪر عباسي، نائب صدرن عمر حيات، ??اجي وحيد، جوائنٽ سيڪريٽري چنگيز جدون، نواز احمد، سيڪريٽري اطلاعات ارشد خان تنولي ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبا??ڪب??د ڏني.