اسلام آب??د ?? 09 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ??بب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ??بب 105 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مر??ضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 312 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مر??ضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 68 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 84 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 64 سيڪڙو، گجرات ۾ 80 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وي?? – 19 جا 54 هزار 948 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 392، پنجاب ۾ 25 هزار 871، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 90، اسلام آباد ۾ 8 هزار 711، بلوچستان ۾ هڪ هزار 257، گلگت بلتستان ۾ 467، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 160 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وي?? 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 25 هزار 789 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??وي?? 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??وي?? 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪ??وي?? 19 جا 509 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??وي?? 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 69 هزار 811 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 10 هزار 829 آهي.