اسلام آباد – 25 –; مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿ??ار??ند فوجن پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار پريڊ ڪئي، پريڊ ۾ ترڪ فوجي بينڊ، بحرين، فلسطين، عراق، سريلنڪا ۽ ترڪي جي پيراٽروپرز خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، پريڊ دوران پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي عسڪري قوت جو زبردست مظاهرو ڪيو ويو. حاضرين جو ملي جوش ۽ جذبو هڪ قو?? هڪ منزل جي ٿيم جو حقيقي عڪاس هو. هٿ??ار??ند فوج جي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو قو??ي جهنڊي کي 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ عيسيٰ بن خليفه، ڪمانڊر يو ڪي اسٽريٽجڪ ڪمانڊ سر پيٽرڪ سينڊرز ۽ چيف آف دي ڊفينس اينڊ ڪمانڊر سريلنڪن آرمي به پريڊ جو مشاهدو ڪيو. شڪرپڙيان جي پريڊ گرائونڊ ۾ قو??ي عل?? کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ 105 فيلڊ ريجمينٽ قو??ي عل?? کي سلامي ڏني. تقريب ۾ بري فوج جي سربراهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان امتياز (ملٽري)، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، وائيس چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل سعيد نعمان عل?? هلال امتياز (ملٽري)، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي هلال امتياز (ملٽري)، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، وفاقي وزيرن، مختلف ملڪن جي سفيرن، فنڪارن، رانديگرن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي تعداد يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ روايتي بگل وڄائي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف عل??ي جي آمد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو خصوصي لال بگي ۾ سوار ٿي پريڊ گرائو??ڊ پهتو. پريڊ خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي کي سلامي پيش ڪئي ۽ قو??ي ترانا ٻڌايو ويو. قو??ي تراني کانپوءِ قرآني آيتن جي تلاوت سان تقريب جو باقاعد آغاز ڪيو ويو. هٿ??ار??ند فوج يوم پاڪستان پريڊ جي پريڊ ڪمانڊر خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي کان پريڊ جي معائني جي درخواست ڪئي. يوم پاڪستان پريڊ ۾ ايئر چيف مارشل جي قيادت ۾ فلاحي پاسٽ جو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي جهازن فلائي پاسٽ ڪيو، صدر پاران پريڊ جي معائني کانپوءِ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه فلائنگ پاسٽ جو شاندار ۽ مظاهرو ڪيو ۽ پاڪ فوج جي دستن مارچ پاسٽ ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي دفاعي ساز ۽ سامان جي نمائش به ڪئي وئي.