اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ??ين??ر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ??هي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عم?? جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اين سي او سي مان جاري تفصيلن موجب اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان صحت جي مختلف رهنما اصولن تي عملدرآمد کان آگاهه ڪيو ويو ??يڪي سمورن صوبن کي جاري ڪيا ويا آهن. اين سي او سي کي آگاهه ڪيو ويو ??ه انهن هدايتن تي عملدرآمد لاءِ جامع جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اين سي او سي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ رجحان ۽ موت جي شرح تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. فورم کي ٻڌايو ويو ??ه بيماري ۾ تيزي سان وڌندڙ رجحان نظر اچي رهي آهي ۽ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تناسب 7.5 سيڪڙو کي عبور ڪري چڪو آهي، تقريبن وڏن شهرن ۾ مثب ڪيسز جو تناسب 5 سيڪڙي کي عبور ڪري چڪو آهي، صوبائي انتظاميه کان ايس او پيز تي سختي س??ن عملدرآمد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو چيو ويو ??هي. عوام پاران ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ايس او پيز جي وڏي پئماني تي خلاف ورزي، ماسڪ نه پائڻ، معاشرتي فاصلي کي نظر انداز ڪرڻ سميت حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا وڏي پئماني تي اطلاع ملي رهيا آهن.