اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز اطلاعات واري ڪم??ٽي ۾ چيئرمين نيب جي طلبي کي کل جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو مقصد هر پليٽ فارم کي غلط استعمال ڪري نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، براڊشيٽ معاملي تي وز??راعظم عمران خان انڪوائري ڪم??ٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا 45 ڏينهن ۾ براڊشيٽ معاملي تي لاڳاپيل ماڻهن، ڪردارن ، وز??رن ۽ وڪيلن جي تحقيقات ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.